ساهتيه ڪلادرسني

ساهتيه ڪلادرسني

ساهتيه ڪلادرسني

ساهتيه ڪلادرسني: هن ڊائريڪٽريءَ جو مرتب ۽ گڏ ڪندڙ هري هوتو مل تنواڻي ’نماڻو‘ آهي، ۽ سندس معاون ايڊيٽر چندر رامچند پنجابي آهي. ڊائريڪٽريءَ جو انتساب روچيرام تيرٿداس جي نالي ڪيو ويو آهي. هن ڊائريڪٽريءَ جو مهاڳ پروفيسر رام پنجواڻيءَ لکيو آهي. ڊائريڪٽريءَ بابت هوتو مل تنواڻي رقم طراق آهي ته، ”1976ع ۾ ’ساز ۽ انداز‘ شعرن جو مجموعو ڇپائي، مون ساهتڪ کيتر ۾ پير رکيو . . . اشاعت بعد منهنجي سڃاڻپ . . . ساهت ڪلا جي شيدائي روچيرام تيرٿداس سان ٿي . . . وٽس سنڌي ساهتڪارن، ڪلاڪارن ۽ سماج سيوڪن جو بي بها خزانو فوٽن ۽ ائڊريسن جي روپ ۾ ميسر هو... . 1978ع جي پڇاڙيءَ ڌاري هن ائڊريسن جي ڪاپي منهنجي حوالي ڪئي“ ان بعد مرتب ڪجهه ٻيون ائڊريسون، الهاس نگر، سوراشٽر، اجمير، بڙودي ۽ ڀوپال جي اديبن جا البم ۽ رسالا هٿ ڪري ڊائريڪٽري تيار ڪئي. ڊائريڪٽريءَ جي ابتدا ۾ پروفيسر ڪلياڻ آڏواڻيءَ جو مضمون ’سنڌي زبان ۽ ادب تي سرسري نظر‘ ڏنو ويو آهي. ان بعد (1) ساهتڪار، (2) ڪلاڪار، (3) ناٽڪ منڊليون، (4) فلمون، (5) اخبارون، (6) رسالا ۽ مخزنون، (7) لئبرريون، (8) بوڪ سيلرس، (9) پبليڪيشنس عنوانن هيٺ الف ب وار تفصيل ڏنا ويا آهن. عنوانن هيٺ اديبن، ڪلاڪارن وغيره جي معلومات کان اڳ مختلف اديبن: پوپٽي هيراننداڻي، گوبند مالهي، ديپڪ آشا ۽ هري موٽواڻيءَ جا سنڌي ڪلاڪارن، ناٽڪن، ناٽڪ منڊلين، اخبارن، رسالن ۽ پبلشرن بابت مضمون ڏنا ويا آهن.
ڊيمي سائيز جي 365 صفحن جي هيءَ ڊائريڪٽري، ڇاٻڙيا هائوس، نهرو چؤنڪ، الهاس نگر مان 1980ع ۾ ڇپجي پڌري ٿي ۽ ان جي قيمت 20 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو